ڪراچي: آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان وسڪاري جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ وسڪاري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي
موسميات کاتي موجب، اڄ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
شهري ۾ اوڀر کان اٽڪل 6 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي رهيون آهن، جڏهن ته هوا ۾ گهم جو تناسب 72 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي ڪٿي آنڌاري ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان پڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.