ڀارت پي ايس ايل ۾ خلل وجهڻ لاءِ پنڊي اسٽيڊيم کي نشانو بڻايو: محسن نقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت پي ايس ايل کي متاثر ڪرڻ لاءِ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي نشانو بڻايو، جيڪا انتهائي غير ذميواراڻي حرڪت آهي.
هڪ بيان ۾ محسن نقوي چيو ته پي سي بي هميشه راند ۽ سياست کي ڌار رکڻ واري اصول تي قائم آهي، پر ڀارت طرفان اهڙي حرڪت واضع طور تي پاڪستان سپر ليگ ۾ خلل وجهڻ لاءِ ڪئي وئي.
هن چيو ته پي ايس ايل جون رهيل ميچون دبئي ۾ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇو ته پرڏيهي رانديگر اسان جا مهمان آهن ۽ سندن ذهني سڪون کي ترجيح ڏني پئي وڃي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته پي سي بي پاڪستان سپر ليگ مڪمل ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن ليگ محفوظ ۽ ڪامياب بڻجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.