پاڪ فوج تي تنقيد ڪندڙ ملڪ سان پنهنجي وفاداريءَ کي شڪي بڻائي رهيا آهن: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه چيو آهي ته پاڪستان نه جنگ چاهي ٿو ۽ نه ئي جنگ شروع ڪئي آهي، ڀارت خلاف جنگ جي حڪمت عملي ٺاهڻ پاڪ فوج جو ڪم آهي ۽ اها ذميواري رياستي ادارن تي ڇڏي وڃي.
قومي اسيمبليءَ جي احاطي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪ فوج جي ڀارت خلاف ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي ۽ هن وقت ۾ پاڪ فوج تي تنقيد حب الوطني تي سوال اُٿاري ٿي.
هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪ فوج تي تنقيد ڪري رهيا آهن، سي پنهنجي وفاداريءَ کي شڪي بڻائي رهيا آهن.
جي يو آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي ۽ هي وقت آهي ته اسان پنهنجن دفاعي ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪريون.
هن زور ڀريو ته ملڪ کي موجوده حالتن مان ڪڍڻ لاءِ قومي اتحاد ضروري آهي ۽ اسان سڀني کي ان مقصد لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.