پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ:آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڏيهه واپسي لاءِ واجهائڻ لڳا، اُڏامن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏيائون

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سبب انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي مختلف فرنچائز ۾ شامل آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڀارت ڇڏڻ لاءِ اُڏامن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب، ڪينگرو ڪرڪيٽر اڄ يا سڀاڻي ڏيهه واپس ورڻ جا خواهشمند آهن، ڪجهه آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڇنڇر تي پنهنجي وطن روانو ٿيندا.
آسٽريلوي مڊيا جو چوڻ آهي ته ڌرمشالا ۾ ميچ ختم ٿيڻ کانپوءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽرن کي ڳڻتي ورائي وئي آهي، آءِ پي ايل ۾ 15 آسٽريلوي رانديگر شامل آهن.
ان کانسواءِ رڪي پونٽنگ ۽ جسن لينگر آءِ پي ايل ۾ ڪوچنگ جون ذميواريون نڀائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.