آءِ پي ايل جي هلندڙ ميچ رد، گذريل رات ڌرمشالا ۾ ڇا ٿيو؟

ڌرمشالا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست هماچل پرديش جي شهر ڌرمشالا ۾ آءِ پي ايل ميچ رد ٿيڻ کانپوءِ ٿرٿلو مچي ويو، صورتحال ايتري سنگين ٿي وئي جو رانديگرن کي هڪٻئي جي بسن ۾ سوار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، ڀارتي اسٽيڊيم ۾ڌرمشالا ۾ ميچ ختم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ افراتفري واري صورتحال جنم ورتو.
ميڊيا رپورٽن موجب، رانديگرن کي ترت بس ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽر هڪٻئي جي بسن ۾ سوار ٿي هوٽل پهتا.
واضح رهي ته آءِ پي ايل ۾ پنجاب ڪنگز ۽ دهلي ڪيپيٽل وچ ۾ ميچ جاري هئي، جيڪا اننگز جي 11 هين اوور کانپوءِ ختم ڪئي وئي هئي.
ميچ ختم ڪرڻ جو ڪارڻ فلڊ لائيٽس جي خرابي قرار ڏنو ويو، پر چيئرليڊر جي وڊيو ڀارتي ڪوڙ وائکو ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.