اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ پاڪستان جوابي ڪارروائي ڪندي دشمن جون ڪيترين پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج طرفان ڪيلر سيڪٽر ۾ ڊوبه مور پوسٽ ۽ بٽالين هيڊڪوارٽر تباهه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سوجي ۽ پير ڪانٿي سيڪٽر ۾ جبار اينڊ ٿرکيان ڪمپليڪس مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي..
کانسواءِ حاجي پير سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي رِنگ ڪنٽوئر پوسٽ تباهه ڪئي وئي آهي، پاڪستاني فوج دشمن جي پوکران مارٽر بگهسر پوسٽ کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
ايل او سي تي ڀارتي جارحيت، پاڪ فوج جو جوابي وار، دشمن جون ڪيئي چوڪيون ۽ بٽالين هيڊ ڪوارٽر تباهه
You might also like