”رات جي اونداهيءَ ۾ حملي کي فتح سمجهو ٿا؟ توهان کي شرم اچڻ گهرجي“ ماهرا ڀارتين کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار اداڪارا ماھرا خان ڀارتي بزدلاڻي ڪارروائي سخت ردعمل ڏيندي مودي سرڪار آئينو ڏيکاري ڇڏيو
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ماھرا خان لکيو ته ” مان ان ڳالهه تي شڪرگذار آهيان ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ رهان پئي، جتي مون کي اِهو نه ڏسيو وڃي ته ڇا ڳالهائڻو آهي، مون وٽ آواز آهي ۽ مان اِهو استعمال ڪري سگهان ٿي، پاڪستاني هئڻ تي فخر آهي.“
ماھرا خان اِهو به چيو ته ”جڏهن اسان جي ڌرتيءَ تي ناانصافي ٿيندي ته اسين آواز اٿارينداسين، اسين ڏوهي عملن جي مذمت ڪنداسين. ڀارت ڪيئي ورهين کان اسان تي بنا ثبوتن جي الزام مڙهي رهيو آهي.“
هن چيو ته ” ڀارت پاڪستان خلاف نفرت ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيندو آهي، اتان جي ميڊيا به نفرت کي هوا ڏيئي رهي آهي، توهان جي سڀ کان سگهارا آواز نسل ڪشي ۽ جنگي ڏوهن آڏو قانون بدران ڊپ وچان خاموش آهن، ۽ ان ڊپ کي ئي توهان فتح سمجهي رهيا آهيو، پر منهنجي نظر ۾ توهان جي خاموشي ئي توهان جي حقيقي شڪست آهي.“
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ” توهان اڌ رات جو شهرن تي حملو ڪري ان کي فتح سڏيو ٿا؟ توهان کي شرم اچڻ گهرجي!“
ماھرا خان پنهنجي پنهنجي بيان ۾ ” پاڪستان زنده آباد “ جو نعرو لڳائيندي امن لاءِ دعا پڻ ڪئي.
واضح رهي ته ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفرآباد، باغ، ۽ پنجاب جي مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ٻه مسجدون شهيد ٿيون، حملن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿيا.
پاڪ فوج ڀارتي بزدلاڻي ڪاروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي هوائي فوج جا 3 رافيل جھاز، هڪ مگ 29 ، هڪ ايس يو 30 جھاز، هڪ ڊرون ۽ ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر به تباهه ڪري ڇڏيا.
پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اڇو جهنڊو لهرائي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.