سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو، عملي جون موڪلون رد، اهم هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فضائي حملي جي خطري کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي هڙني سرڪاري اسپتالن ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
صحت کاتي موجب، سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪندي، ڊاڪٽرن، نرسن ۽ سموري طبي عملي جون موڪلون فوري طور رد ڪيون ويون آهن.
صحت کاتي جو چوڻ آهي ته عملي کي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي تي موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايمرجنسي ريسپانس يونٽن کي به الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
صحت کاتي طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته ايمبولينس، آڪسيجن، آءِ وي فلوئيڊز ۽ ضروري دوائن جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي ۽ جڏهن ته ڪوتاهي تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ان کانسواءِ ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ويجهو رابطو رکڻ ۽ ايمرجنسي ڪيسن کي مڪمل ڌيان ۽ احتياط سان منهن ڏيڻ جي به هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.