اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ملڪ ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيدونگ سان ملاقات دوران ڀارتي حملن بابت تفصيل کان آگاهي ڏيندي ان کي پاڪستان جي خودمختياري جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
جاري ڪيل بيان موجب، اسحاق ڊار چيني سفير کي ڀارت طرفان پاڪستان جي بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ، زميني ۽ هوائي حدن جي بنا جواز ڀڃڪڙي ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ ڳنڀير صورتحال بابت آگاهي ڏني.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏيندو.
ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل ۾ به گڏيل لاڳاپن ۽ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ چين جي پرڏيهي وزارت ڀارت طرفان پاڪستان خلاف ڪيل فوجي ڪارروائيءَ کي ” افسوسناڪ“ قرار ڏنو هو.