تاج حيدر جي خالي ٿيل سيٽ تي وقار مهدي سينيٽر چونڊجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ وزيراعليٰ جي خاص مددگار وقار مهدي، سنڌ مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي سينيٽر چونڊجي ويو آهي، اليڪشن ڪمشنر سنڌ، اعجاز انور چوهاڻ نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب، پيپلز پارٽي جو وقار مهدي 111 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نگهت مرزا کي رڳو 36 ووٽ مليا، اليڪشن ڪميشن موجب مجموعي طور تي 149 ووٽ وڌا ويا، جن مان غلط نشان لڳائڻ سبب 2 ووٽ رد ڪيا ويا، ياد رهي ته هيءَ سيٽ پيپلز پارٽي جي سينيٽر تاج حيدر جي وفات سبب خالي ٿي هئي، وقار مهدي اڳ به سينيٽ جو ميمبر رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.