رپورٽون آهن ته ڪئنالن جي منصوبي خلاف سنڌ ۾ احتجاج ڪندڙن ۽ ڌرڻو ڏيندڙن خلاف انتقامي ڪاررواين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ سندن خلاف ڪيس داخل ٿي رهيا آهن. ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جي مدد ۽ خدمت ڪندڙن خلاف پوليس وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏني آهي. ڪيترائي ماڻهو چرس، شراب، چوري، ڦرن جي ڪيسن ۾ گرفتاري بعد چالان ٿي ويا آهن. انهن جو ڏوهه اهو هو ته انهن ڌرڻي ۾ شامل وڪيلن، قوم پرستن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جي نٽهڻ اس ۾ ۽ موتمار گرمي ۾ سندن خدمت ڪري کين ٿڌو پاڻي، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان پئي پهچايو. ايئن ٻين ڪيترن سوشل ورڪر ۽ ٻين ماڻهن خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڏنو آهي. رپورٽون آهن ته گهوٽڪي، سکر، خيرپور سميت مختلف ضلعن ۾پوليس اهڙيون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن. پوليس ڌرڻي جي مددگارن ۽ خدمت گارن جون لسٽون تيار ڪيون آهن جن کي ڳولهي پڪڙي کين ڪوڙن ڪيسن ۾ چالان ڪري رهي آهي. خيرپور جي سياسي، سماجي، مذهبي جماعتن جي اڳواڻن سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سنڌ جي باشعور عوام کي حقن کان دستبردار نٿو ڪري سگهجي. هنن مطالبو ڪيو ته سماجي ڪارڪنن شهناز شيخ، ڊاڪٽر اعجاز مگسي ۽ ٻين خلاف داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن. ٻئي پاسي خيرپور جي وڪيلن پاران هڪ پينل ٺاهي ڪارڪنن خلاف ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ مفت قانوني مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي پڻ انهن انتقامي ڪارراين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پ پ حڪومت آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. حڪمرانن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪيسن ۽ گرفتاري سان جهڪائي نٿو سگهجي. هن چيو ته کپرو، ڪنڌڪوٽ، مورو، ملير، ٻٻرلوءِ ۽ ٻين علائقن ۾ سماجي اڳواڻ شهناز شيخ، ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪندڙ ڊاڪٽر اعجاز مگسي، ماني پهچائيندڙ نوجوانن سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻهن مٿان منشيات، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪيا وڃن جيڪي ڪيا ويا آهن سي فوري طور ختم ڪيا وڃن. انهن انتقامي ڪاررواين جي مذمت ڪندي ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي اڳواڻ، ڪراچي بار جي ايسوسيئشن جي صدر عامر وڙائچ ڌرڻي جي مددگارن خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ انهيءَ معاملي بابت ڪا پاليسي ۽ حڪمت عملي ٺاهينداسين.
جڏهن ڪئنالن جي خلاف تحريڪ هلي رهي هئي ۽ ٻٻرلوءِ وٽ وڪيل برادريءَ يادگار ڌرڻو ڏنو هو ته تڏهن سنڌ حڪومت جا وزير چئي رهيا هيا ته اسان احتجاجن ۽ ڌرڻن کي نه روڪينداسين جو اهي سنڌو درياهه جا عاشق آهن. انهن ڏينهن ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت به ڪئنالن جي منصوبي جي خلاف هئي تڏهن به اهي رپورٽون اينديون هيون ته سنڌ حڪومت هڪ پاسي پاڻ به ڪئنالن جي خلاف آهي ۽ ٻئي پاسي احتجاج ڪندڙن خلاف ڪيس به داخل ڪري رهي آهي. پر مجموعي طور تي سنڌ حڪومت جو ڪردار ان ڏس ۾ بهتر هو ۽ اها حالتن جي تقاضا به هئي. سنڌ حڪومت جيڪڏهن تڏهن سختي ڪري ها، پوليس ذريعي ڪريڪ ڊائون ڪري ها احتجاج ڪندڙن کي روڪي ها ته اها تحريڪ پ پ جي خلاف ٿي وڃي ها تنهن ڪري اهو عقلمندي وارو فيصلو هو ته سنڌ حڪومت ڪئنالن مخالف تحريڪ ۽ ڌرڻي خلاف ڪا روايتي ڪارروائي نه ڪئي پر هاڻي جڏهن اها تحريڪ ختم ٿي چڪي آهي ته هاڻي احتجاج ڪندڙن ۽ ڌرڻو ڏيندڙن خلاف ۽ خاص ڪري انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جيڪي احتجاج ڪندڙن ۽ ڌرڻو ڏيندڙن جون انساني همدردي يا قومي جذبي تحت خدمت چاڪري ڪري سنڌين جي روايتي مهمان نوازي کي جياري ۽ اتساهي رهيا هيا جن جي عالمي سطح تي واکاڻ ٿي رهي آهي.تن مهمان نوازن ۽ خدمت گارن خلاف ڪارروائي ڪري ٻيو ڪنهن کي نه پر پاڻ کي ئي خراب ڪري رهي آهي.
اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت کي اهڙي طاقت جي استعمال جو ڪير مشورو ڏيندو آهي. پ پ ته پاڻ هڪ وڏي سياسي جماعت رهي آهي جنهن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ضياءَ الحق ۽ مشرف جي آمريتي دورن ۾ جهموريت جي بحالي لاءِ جدو جهد ڪئي، ڪوڙن ڪيسن ۽ انتقامي ڪاررواين کي منهن ڏنو. جيل برداشت ڪيا، ڦٽڪا کاڌا تنهن کي ته احتجاجن جو احترام ڪرڻ گهرجي. اها به حقيقت آهي ته پرامن احتجاجن ۽ مظاهرن ۾ هڪڙا شرپسند به ڪنهن جي هشيءَ تي شامل ٿي ويندا آهن ۽ وڳوڙي حالتون پيدا ڪندا آهن ته جيئن حالتون خراب ڪجن پر حڪومتون چاهين ته احتجاجن ۽ مظاهرن جي جيڪر نوبت ئي نه اچي جيڪڏهن اهي عوام جي نبض تي هٿ رکي حڪومت ڪن يا سندن خواهش پٽاندڙ عوام جو خادم ٿي حڪومت ڪن. عوام کي روڊن تي آڻڻ جون ذميوار به حڪومتون ئي هونديون آهن جن جي غلط ۽ غير جمهوري پاليسين سبب عوام کي روڊن ۽ شاهرائن تي اچڻو پئي ٿو ۽ مجبورن قانون هٿ ۾ کڻڻو پوي ٿو. سنڌ حڪومت جا وزير ته پاڻ به وفاقي حڪومت جي ڪئنالن جي منصوبي جي خلاف هيا ۽ حڪومت مان نڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا هيا پوءِ سنڌ جي عوام خلاف هي انتقامي ڪارروايون ڇو اهي به ته ڪئنالن جي خلاف جدوجهد ڪندڙ عوام کي پاڻي ۽ ماني پهچائي سندن خدمت ئي ته ڪري رهيا هيا.؟