اسان شروع کان ئي ڪئنالن خلاف هئاسين: ناصر شاهه

ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ جي توانائی واري وزير ناصر شاہ جو آهي تہ قیادت جو فيصلو آهي تہ جيڪڏهن ڀارت ڊيم ٺاهيندو ته اسان ان کي نشانو بڻائينداسين. پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي قوتون آهن. پاڪستان جنگ نٿو چاهي، پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي اسان ڀرپور مقابلو ڪنداسين. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ ناصر حسين شاهه چيو تہ قومي اسيمبلي مان پيغام ويو آهي تہ جڏهن ملڪ جي ڳالهه ٿيندي ته اسان سڀ گڏ آهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي شروع کان ئي ڪينالز جو مسئلو اُٿاريو آهي. ناصر حسين شاهه چيو تہ وزيراعليٰ سنڌ ڪينالن جي مسئلي تي خط لکيو هو، اسان کي اميد هئي تہ ڪينال نه ٺاهيا ويندا، اسان اڳي ئي چيو هو تہ اهڙي صورتحال ۾ وفاق سان تعاون نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.