مصطفيٰ عامر ڪيس:ارمغان جي رويي تي جج ۽ وڪيل حيران

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ غير قانوني ڪال سينٽر هلائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار ارمغان کي پيش ڪيو ويو، عدالت پچاڻو ڪيو ته اوهان جو وڪيل ڪٿي آهي، عدالت چيو ڇا اوهان تي تشدد ڪيو ويو آهي، ارمغان چيو اوهان جيڪو ڪرڻ چاهيو ٿا ڪيو، عدالت چيو اوهان تي تشدد ٿيو آهي يا نه جواب ڏيو، عدالت چيو پهرين رمانڊ جي وقت حالت بهتر هئي، عورت وڪيل چيو ته جواب نه ڏيڻ به توهينعدالت آهي، عدالت چيو ته هي عام ڪيس نه آهي، اوهان کي جسماني رمانڊ جي ضرورت ڇو آهي، جاچ آفيسر چيو ته جوابدار وٽان ڪجهه جاچ ڪرڻي آهي، عدالت چيو ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو، صرف رمانڊ ئي گهرجي، جاچ آفيسر چيو ته ڊيجيٽل والٽ تائين رسائي گهرجي، عدالت چيو ته 4 ڏينهن تائين ڪجهه نه ڪيو، عدالت جوابدار ارمغان کي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.