شاهه رخ خان جي موجودگي ” ميٽ گالا “ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، عالمي ميڊيا تي واکاڻ

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو عالمي فيشن ايونٽ ”ميٽ گالا 2025“ ۾ شرڪت ڪري دنيا جي ميڊيا ۽ مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
تقريب ۾ ڪنگ خان ڪاري رنگ جو هڪ سادو پر شاهي لباس پهري پهتو.
بالي ووڊ بادشاهه جو تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس اسٽائيل تي ملندڙ جلندڙ رايا سامهون آيا.
ڪجهه مداحن سندس لُڪ کي سادو پر شاندار قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه سندس اسٽائيل تي ڇوهه ڇنڊيندي ان کي هالي ووڊ سپر اسٽار جاني ڊيپ جي نقل قرار ڏنو.
واضح رهي ته بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان پهريون ڀيرو ميٽ گالا 2025 ۾ شريڪ ٿيو آهي، عالمي سطح تي شاهه رخ جي موجودگي کي ساراهيو ويو،
ميٽ گالا جهڙي عالمي تقريب ۾ شاهه رخ خان جي موجودگي پاڻمرادو وڏي خبر بڻجي وئي، جتي هزارين چاهيندڙن اداڪار جي شرڪت خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.