مشهور ڀارتي راڳي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي، ايندڙ ٽي چار ڏينهن انتهائي اهم قرار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڳي ۽ انڊين آئيڊل جي 12 هينن سيزن جو فاتح پون ديپ راجن هڪ ڀوائتي روڊ حادثي جو شڪار ٿي سخت زخمي ٿي پيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،5 مئي جي صبح جڏهن پون ديپ دهلي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ مرادآباد (اتر پرديش) ويجهو سندس گاڏيءَ جو هڪ ٽرڪ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾گلوڪار کي ڪيترائي زخم رسيا ۽ سندس جسم جون ڪيئي هڏين ٽٽڻ جون خبرون سامهون آيون آهن.
پون ديپ جي ٽيم پاران انسٽاگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شروعاتي طبي امداد کان پوءِ کيس دهلي-اين سي آر جي هڪ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي گذريل ڏينهن سندس سرجري ڪئي وئي جيڪا ڇهن ڪلاڪن تائين جاري رهي.
بيان موجب، پون ديپ هن وقت انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ نگراني هيٺ آهي ۽ ايندڙ ٽن چئن ڏينهن اندر گلوڪار جي وڌيڪ آپريشنز جو امڪان آهي.
حادثي بابت رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو( پون ديپ )پنهنجي دوست اجئه مهرا ۽ ڊرائيور راهول سنگهه سان گڏ سفر ڪري رهيو هو، جڏهن ته حادثو ڊرائيور جي لاپرواهي سبب پيش آيو جنهن کانپوءِ سندن گاڏي سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.