بي جي پي سرڪار نااهلن جو ٽولو آهي، موديءَ ۾ جنگ جوٽڻ جي جرئت ئي ناهي: ستيا پال ملڪ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيا پال ملڪ چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڊڄڻو، بي شرم ۽ نااهل شخص آهي، جنهن وٽ جنگ ڪرڻ جي سگهه ناهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران هن چيو ته پهلگام واقعي تي مودي سڄي ڀارت کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، حقيقت اها آهي ته اها سڪيورٽي جي ناڪامي هئي جنهن تي موديءَ کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي.
ستيا پال ملڪ جو چوڻ هو ته مودي يا اميت شاهه کي ڪشمير جي حقيقي حالتن جي ڪا به ڄاڻ ناهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت سڪيورٽي جي جائزي واري ميٽنگ رڳو حوالن ۽ کاڌي پيتي تائين محدود هونديون آهن، مودي سرڪار نااهلن جي ٽولو آهي، بدقسمتي آهي جو اهڙا ماڻهو ملڪ هلائي رهيا آهن.
هن الزام لڳايو ته رڳو شڪ جي بنياد تي ڪشميريم جا گهر ڊاهڻ غلط آهي ۽ مودي حڪومت ڄاڻي واڻي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ويڇا وڌائي رهي آهي.
ستيا پال ملڪ موجب، ڀارتي حڪومت ڪشمير بابت بنيادي حقيقتن کان اڻڄاڻ آهي ۽ پنهنجي سياسي فائدي لاءِ نفرت جي سياست کي هوا ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.