مظفرآباد (ويب ڊيسڪ)ڀارت پاران پاڪستان تي مڙهيل هڪ ٻيو ڪوڙو الزام به وائکو ٿي ويو، آزاد ڪشمير جي علائقي بيلا نور شاهه ۾ دهشتگردن جي ڪنهن به ٽريننگ ڪئمپ جو ڪو به ثبوت نه مليو.
ڀارت، پيلگام واقعي کي جواز بڻائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته بيلا نور شاهه ۾ دهشتگردن جون ٽريننگ ڪئمپ موجود آهن، پر عالمي ۽ پاڪستاني ميڊيا جي ٽيم لائين آف ڪنٽرول کان 26 ڪلوميٽر پري بيلا نور شاهه جو دورو ڪري علائقي جي اصل صورتحال منظرِعام تي آندي.
رپورٽن موجب، علائقي ۾ مڪمل امن آهي ۽ ماڻهن جي روزمرهه جي زندگي معمول موجب جاري آهي، دنيا تسليم ڪري رهي آهي ته هتي ڪا به ٽريننگ ڪئمپ نه هئي.
مقامي رهواسين ڀارتي دعوائن کي رد ڪندي چيو ته هتي ڪڏهن به ڪائي ٽريننگ ڪئمپ ناهي رهي، ٻار اسڪول وڃي رهيا آهن، ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا کليل آهن ۽ سياح به بنا ڪنهن ڊپ جي علائقي جي خوبصورتي مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن.
هڪ مقامي پرنسپال عورت ٻڌايو ته هوءَ گذريل پنجن سالن کان ادارو هلائي رهي آهي ۽ ڪڏهن به ڪنهن شڪي سرگرمي يا دهشتگردي سان لاڳاپيل ڪابه ڳالهه نظر نه آئي آهي.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ به ڀارتي الزامن کي بي بنياد ۽ کِل جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ڀارت جي حڪمت عملي رڳو پروپئگينڊا تي ٻڌل آهي.
هن چيو ته ڀارت نقشن تي دعوائون ڪري ٿو، جڏهن ته اسان زميني حقيقتن کي ثابت ڪرڻ لاءِ پاڻ هتي آيا آهيون.
سندس چوڻ هو بيلا نور شاهه جو پرامن ماحول ۽ قدرتي خوبصورتي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڀارت جو هي الزام به ٻين الزامَن جيان ڪوڙو ۽ جنگي جنون تي ٻڌل آهي.