وفاقي حڪومت جو ڪراچي لاءِ بجلي فراهمي ۾ واڌ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪراچي لاءِ بجلي جي فراهمي ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.
تفصيلن موجب، پاور ڊويزن جي سيڪريٽري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ٻڌايو ته وفاق طرفان ڪراچي کي 900 ميگاواٽ بدران 1600 ميگاواٽ بجلي مهيا ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ سخت گرمي باوجود ڪي اليڪٽرڪ طرفان بنا اعلان لوڊشيڊنگ روز جو معمول بڻجي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.