پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اپوزيشن جي گرينڊ الائنس ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان کي مقامي سياست بابت ڪجهه خدشا هئا، پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي کيس خدشن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي.
شيخ وقاص اڪرم موجب، مولانا فضل الرحمان پهرين پارٽي سان صلاح مشوري لاءِ وقت گهريو ۽ پوءِ اتحاد کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته چونڊ اتحاد جڏهن ٿيندا تڏهن اُن ۾ ڪجهه وٺ ڏي ٿيندي آهي.
You might also like