واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ آمريڪا کي اميد آهي ته هو پهلگام واقعي جي جاچ ۾ ڀرپور سهڪار ڪندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪي نائب صدر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت کي گهرجي ته هو پهلگام واقعي تي اهڙي طريقي سان ردعمل ڏئي جنهن سان علائقائي تڪرار نه وڌي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ اميد آهي ته پاڪستان نه رڳو جاچ ۾ سهڪار ڪندو، پر دهشتگرد کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي به ڪندو.
ياد رهي ته پاڪستان، پهلگام واقعي جي جاچ لاءِ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ڪميشن قائم ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي هئي.
ان سلسلي ۾ آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو پهلگام واقعي کانپوءِ وڌندڙ تڪرار جو ذميواراڻو حل ڪڍن.
پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان خلاف ڀارتي رويي تي آمريڪي نائب صدر جو ردعمل اچي ويو
You might also like