ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 1300 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 3 لک 44 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسئييشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت ۾ 1114 رپين جي لاٿ آئي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 2 لک 95 هزار 353 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو آهي، جتي في اونس سون 13 ڊالر جي لاٿ کانپوءِ 3 هزار 663 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like