پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ، سلامتي ڪائونسل جي صدر وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ايون گيلاس اسڪيرس چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي صورتحال بابت جلد ئي 15 رڪني ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويندو.
ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب، خميس ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران سلامتي ڪائونسل جي صدر چيو ته اسان صورتحال جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون.
هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جون ڪوششون مددگار ثابت ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.