نئين دهلي(م ڊ)انڊين ايئر فورس جي اڳوڻي ايئر وائيس مارشل ۽ مشهور تجزيه نگار ڪپل ڪڪ چيو آهي ته مودي حڪومت ڇڪتاڻ کي ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو،هن چيو ته شايد، فيبروري 2019 وانگر، ٻئي ملڪ هڪ هڪ ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ تڪرار گهٽائڻ شروع ڪندا، ڪپل ڪاڪ جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهين ذريعي ئي تڪرار گهٽجي سگهي ٿو، هن چيو ته هندستان جي موجوده قيادت پاران غير جانبدار جاچ جي آڇ کي مثبت جواب ملڻ جو امڪان گهٽ آهي، هن چيو ته جنگ ۽ نفرت جي سياست کي هن وقت هندستاني عوام قبول نه ڪري رهيو آهي،جنهن جو ثبوت 2024 جي چونڊن جو نتيجو آهي.