ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڀارت پاران پاڪستان تي لڳايل الزامن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه هرقسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي ۽ تازي واقعي بابت ڀارتي الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ھن چيو ته پاڪستان جو هن واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، اسان پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀارت پاڻ پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي ڀارت ڪشميري عوام تي ظلم ڪري رهيو آهي، ھن چيو ته ڀارت دنيا کي گمراهه ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ۽ فريب جو سهارو وٺي ٿو ۽ تازو پهلگام واقعو پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن چيو ته هن واقعي جي آزاد، غير جانبدار ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن اصل حقيقتون دنيا آڏو اچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان مودي سرڪار جي ڪنهن به سياسي راند کان ڊڄڻ وارو ناهي، هن ڀارت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اها ڀارت جي سياسي ۽ فوجي خودڪشي هوندي. پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي، ۽ اسان جي قوم هميشه پنهنجي خودمختياري جي دفاع لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ طاس پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، ته جيئن چيئرمين بلاول ڀٽو چيو هو: ‘جيڪڏهن پاڻي نه وهندو ته رت وهندو.