لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي ڏهين ايڊيشن جي ارڙهين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز، ملتان سلطانز کي ڏهه وڪيٽن تان هارائي پوائنٽس ٽيبل تي ٻي پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
لاهور ۾ جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا ملتان خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
پهريان کيڏندي ملتان سلطانز جي بيٽنگ لائين ڪوئيٽا جي بالرن آڏو واريءَ جي ڀت ثابت ٿي ۽ سڄي ٽيم 17 هين اوور ۾ 89 رنسن تي ڍير ٿي ويئي.
ڪوئيٽا 90 رنسن جو ٽارگيٽ ستين اوور ۾ بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ٻه اهم پوائنٽون پڻ حاصل ڪري ورتيون.
پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي پوائنٽس ٽيبل تي نظر ڊوڙائجي ته اسلام آباد يونائيٽڊ پنج ئي ميچون کٽي ڏهن پوائنٽن سان ٽاپ پوزيشن تي موجود آهي.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيم ڇهن ميچن مان چار ميچون کٽڻ کانپوءِ8 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.
لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز، 6، 6 ميچن کيڏيون ۽ ٻنهي 3، 3 ميچن ۾ فتح حاصل ڪئي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي ترتيبوار ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي موجود آهن.
پشاور زلمي ڇهن ميچن ۾ ٻن ڪاميابين کانپوءِ چئن پوائنٽن سان پنجين ۽ ملتان سلطانز 7 ميچن مان رڳو هڪ ميچ کٽڻ کانپوءِ پوائنٽس ٽيبل تي آخري پوزيشن تي آهي.
واضح رهي ته ميگا ايونٽ جون ٽاپ چار ٽيمون پي ايس ايل جي پلي آف مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
You might also like