مداح ڪريز تي بيٽنگ ڪندي ڏسڻ چاهين ٿا، هڪ غلطي سڌاريان ٿو ته ٻي غلطي ٿي وڃي ٿي: بابر اعظم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن ۾ پشاور زلمي جي قيادت ڪندڙ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم مٿس تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته ڳالهائڻ هن کي به ايندو آهي پر هو ڳالهين بدران ميدان تي کيڏڻ پسند ڪري ٿو.
نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي بابر اعظم چيو ته پي ايس ايل جي جاري سيزن ۾ ٽيم ۽ انفرادي طور ڪارڪردگي لاهن چاڙهن جو شڪار رهي آهي.
هن چيوته شروع ۾ اسان وونگ ڪامبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻه ڪاميابيون مليون پر اسان کي ڪارڪردگي ۾ تسلسل برقرار رکڻو پوندو.
بابر اعظم جو چوڻ هو ته اڌ ٽورنامينٽ گذري ويئي آهي اسان ڪجهه ميچون ۾ ڪڏهن بيٽنگ ۽ ڪڏهن بالنگ جي ڪري هارايون، خاص طور تي فيلڊنگ ۾ اسان جي ڪارڪردگي معياري ناهي رهي.
سندس چوڻ هو ته ڪنڊيشن ڪهڙي به هجي حڪمت عملي تحت کيڏڻو پوندو آهي پر اِهو به ڏسڻ گهرجي ته اسان وقت تي وڪيٽون ناهيون وٺي رهيا يا وري ڪيچ ڊراپ ڪيون ٿا.
بابر اعظم چيو ته ماڻهو کيس ڪريز تي ڏسڻ چاهين ٿا، هو پنهنجي ننڍي اننگز مان به لطف اندوز ٿيندو آهي پر هو ماڻهن جي اميدن پٽاندڙ وڏي اننگز نه کيڏي سگهيو آهي.
هن چيو ته هو غلطيون ڪري رهيو آهي، هو غلطين مان سکي ٿو ۽ ڪوشش ڪندو آهي ته ٻيهر نه ورجائجن پر وري ميچ ۾ ڪا ٻي غلطي ٿي ويندي آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته اڄڪلهه جي ڪرڪيٽ ۾ اسٽرائيڪ ريٽ جي ڪيڏي اهيمت آهي پر ڪنهن کي به اِهو ڏيکارڻ نه ٿو چاهي ته هو ڪهڙو پليئر آهي، سڀني کي خبر آهي ته هو ٽيم جي گهرج ۽ صورتحال مطابق کيڏندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.