واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان ۽ ڀارت کي موجوده صورتحال ۾ ذميواراڻي حل ڏانهن وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت ۽ پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون، پاڪستان ڀارت معاملي جي حل لاءِ هڪ ذميواراڻي حل طرف وڌن.
ترجمان چيو ته آمريڪا طرفان موجوده صورتحال کي ويجهي کان ڏسي رهي آهي، ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان مختلف سطح تي رابطي ۾ آهيون.
ترجمان چيو ته پهلگام ۾ پيش آيل دهشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ڀارت سان گڏ بيٺا آهيون.
You might also like