سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي ڀارت سان ڳالهيون؟ ناڻي واري وزير جو وڏو بيان اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي بئنڪ سان ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي بابت ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
هڪ بيان ۾ ناڻي واري وزير جو چوڻ هوته عالمي بئنڪ سان ڳالهين ۾ اسان جو ڌيان ڪنٽري پارٽنرشپ فريم تي هو، ٿي سگهي متان ان جو ڪو شعبو ان معاملي کي ڏسي رهيو هجي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته جيو پاليٽيڪس ۽ جيو اڪنامڪس ٻڻهي کي اسان کي ڏسڻو پوندو، اميد اِها ئي آهي ته پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي.
محمد اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪي ٽيرف واري معاملي ۾ انشاءَ الله اسان کي ڪو به ڌچڪو نه لڳندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.