تڪراري ڪئنالن وارو معاملو، وزيراعظم ٻه مئي بدارن اڄ ئي سي سي آءِ اجلاس سڏائي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته وزيراعظم، صوبائي حڪومت جي درخواست تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس 2 مئي تي ٿيڻو هو پر سنڌ حڪومت جي درخواست تي اڄ شام اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيندو.
هن چيو ته سنڌ جي طرفان اجلاس ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪندو، جڏهن ته بلاول ڀٽو ۽ وزيراعظم وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي ان تحت فيصلو ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته اڄ سي سي آءِ ۾ ڪئنالن واري معاملي جو فيصلو ٿي ويندو ۽ مسئلو ختم ٿي ويندو، پهريان به وفاقي حڪومت کان درخواست ڪئي هئي ته اجلاس جلد سڏايو وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته احتجاجي ڌرڻ سبب رستا بند هئڻ ڪري عوام کي وڏي تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو، گڊز ٽرانسپورٽ روڪي وئي هئي، جڏهن ته آبادگارن، واپارين ۽ چوپائي مال جو ڪاروبار ڪندڙن کي به نقصان پهتو.
سينيئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڳالهين ۾ يقين رکي ٿي ۽ وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون جو هن اسان جو مطالبو منظور ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.