پاڪ-افغان سرحد ويجهو سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 17 خارجي مارجي ويا، انگ 71 ٿي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان سڪيورٽي فورسز جي پاڪ-افغان سرحد جي ويجهو حسن خيل جي ڀرپاسي پاسي وارن علائقن ۾ آپريشن دوران وڌيڪ 17 خارجي مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز سرحدي علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو، جنهن دوران 17 خارجي مارجي ويا، سندس قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
مارجي ويل دهشتگرد ڀارتي آقائن جي اشارن تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪري رهيا هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، گذريل ڏينهن هڪ آپريشن دوران افغان سرحد کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 54خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.