اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ايشيا جي معاملن بابت آمريڪا جي اڳوڻي نائب پرڏيهي وزير رابن رافيل وزيراعظم شهباز شريف طرفان پهلگام حملي جي جاچ اڻ ڌرين ماهرن کان ڪرائڻ جي تجويز جي حمايت ڪري ڇڏي.
هارورڊ يونيورسٽي ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي رابن رافيل چيو ته پهلگام حملي تي پاڪستان جي اڻ ڌري جاچ جي آڇ هاڪاري اڳڀرائي آهي، واقعي جي رڳو 5 منٽن کانپوءِ ڪنهن تي الزام لڳائڻ انتهائي نامناسب آهي.
هن چيو ته عالمي برادري کي پاڪ – ڀارت ڇڪتائڻ گهٽائڻ لاءِ فوري طور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پهلگام حملي جي 5 منٽن کانپوءِ ڪنهن تي الزام لڳائڻ انتهائي نامناسب آهي: اڳوڻي آمريڪي عهديدار
You might also like