ميرپوربٺورو(رپورٽ:امتياز علي سومرو) ٻٻرلو ڌرڻي کان واپس ڳوٺ طرف ايندڙ قوم پرست تنظيم سان تعلق رکندڙ جسقم آرسير جا 10 نوجوان کنڀجي ويا. ڳوٺ غازي خان چانگ کان ٻٻرلو بائي پاس ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ طرف ايندڙ جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي ڪارڪنن سميت چانگ برادري جي 10 نوجوانن جسقم آريسر ضلعي سجاول جي صدر الطاف چانگ عامر لطيف چانگ صدام چانگ ھاشم چانگ قمر زمان عمر چانگ ڪمال شعبان عرفان چانگ شعيب چانگ کي رات دير سان حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ سيري ڀرسان ٽن پوليس موبائيلن ۾ سوار سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار کنڀي ويا. نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ اسلم خيرپوري، عبدالغفور چانگ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ٽن ڪلاڪن تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي اڳواڻن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته پرامن قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ سراسر زيادتي آهي. ڌرڻي سبب حيدرآباد، سجاول روڊ مڪمل بند ٿي ويو جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جنهن بعد پوليس انتظاميا مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ خاطري ڪرائي ته کنڀيل نوجوانن کي جلد آزاد ڪرايو ويندو جنهن بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.