ڄامشورو (ڊ ر) سنڌو درياهه مان غير قانوني ۽ تڪراري ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف سڄي سنڌ جيان ڄامشورو ۾ به قومپرست ڪارڪنن، شاگردن توڙي شهرين انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ڄامشورو شھر ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مک دروازي وٽ انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي ويٺلن پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي وئي آهي، احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪامريڊ غني امان چانڊيو، سجاد چانڊيو, عرفان سومرو ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن، انڊس هاءِ وي مڪمل بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تان پنجاب ويندڙ ٽريفڪ بند ڪرڻ خلاف شهرين جو احتجاج جاري آهي.احتجاج سبب ڪراچي، ڪوٽڙي، ڄامشورو سميت پنجاب جي ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.