ڪراچي (جاويد لانگاهه) بلوچستان جي سينئر سياستدان ۽ بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل پاران ڪوئٽه ۾ جاري 20 ڏينهن جي ڊگهي ڌرڻي کي اوچتو ملتوي ڪرڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي. آخر هن ڌرڻي مان سندس پارٽي کي ڇا مليو؟ سرڪار تي ڇا دٻاءُ پيدا ٿيو؟ ۽ سندس ناقدين جو رد عمل ڇا رهيو؟ سردار اختر مينگل ڪجهه وقت لاءِ پارلياماني سياست کان پاسيرو ٿي ويو هو، جنهن سبب سندس سياسي ساٿي ۽ حامي مايوس نظر آيا. پر جڏهن بي وائي سي جي عورت اڳواڻن جي گرفتاري ٿي، ته ان خلاف مينگل ڀرپور احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ ڪوئٽه ۾ ڏکين حالتن جي باوجود 20 ڏينهن جو ڌرڻو هڻڻ جو بهادراڻو قدم کنيو. ان عمل ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر هو سياسيمنظرنامي تي سرگرم نظر آيو. اهو ڌرڻو نه صرف سياسي لحاظ کان اهم هو، پر عملي طور تي به بي اين پي جي سڃاڻپ کي ٻيهر زنده ڪيو. ڌرڻي دوران ڪيترن ئي سياسي، مذهبي ڌرين سميت حڪومتي وفدن جي اچ وڃ جاري رهي، جنهن بي اين پي لاءِ هڪ سفارتي ۽ سياسي ڪاميابي سڏي سگهجي ٿي. بي وائي سي جو ڪيس ڌرڻي دوران اجاگر ٿيو، ۽ عوامي سطح تي مسئلي جي سنجيدگي پڻ ظاهر ٿي. آل پارٽيز ڪانفرنس دوران ڪيترن ئي اڳواڻن اختر مينگل کي صلاح ڏني ته هو ڌرڻي بدران نئين حڪمت عملي اختيار ڪري، ۽ سرڪار به نه صرف اپيل پر ڌمڪي پڻ ڏني ته احتجاج ختم ڪيو وڃي. مولانا واسع سميت ٻين سياسي شخصيتن به ساڳي راءِ ڏني، جنهن بعد ڌرڻو روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سردار اختر مينگل جو هي قدم سياسي حڪمت عملي جي تبديلي سمجهي سگهجي ٿو، جيڪو سندس مستقبل جي روين ۽ تحريڪن لاءِ هڪ نئون رستو هموار ڪري سگهي ٿو. ناقدن جي تنقيد باوجود، ڌرڻي جي ذريعي هو نه صرف پنهنجي پارٽي کي سياسي طور ٻيهر سرگرم بڻائڻ ۾ ڪامياب ويو، پر مخالفن لاءِ به واضح پيغام ڇڏي ويو ته هو اڃا به بلوچ سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.