آمريڪا يوڪرائن امن معاهدي تان هٿ کڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پئرس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي ويزير مارڪو روبيو يوڪرائن امن معاهدي کان پوئتي هٽڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرائن ڊيل عمل جوڳي نه ٿي ته پوءِ يوڪرين امن معاهدي جون ڪوششون ڇڏي ڏينداسين.
پئرس ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي مارڪو روبيو چيو ” اسان کي اهو طئي ڪرڻو آهي ته ڇا يوڪرائن ۾ جنگ ختم ڪرڻ ممڪن آهي يا نه، جيڪڏهن يوڪرائن ڊيل ممڪن ٿي ته اسان ڪوشش ڪنداسين، ٻي صورت ۾ اسان وٽ ٻيون ترجيحون پڻ آهن.
روبيو جو چوڻ هو ” اسان مڃيون ٿا ته يوڪرائن چاهي ٿو ته ان کي اهو يقين هجي ته هو پنهنجي دفاع ڪرڻ جي قابل هوندو، جيڪڏهن ٻئي ڌريون امن لاءِ سنجيده آهن ته اسان مدد ڪنداسين نه ته اڳتي وڌنداسين.“
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ يوڪرائن -روس جنگبندي جي ڪوششون تيز ڪيون، پر اڃا تائين ان معاملي تي ڪا وڏي اڳڀرائي سامهون ناهي آئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.