سنڌوءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو، ٽن صوبن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو

ٻٻرلوءِ (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ وڪيلن، قومپرستن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن طرفان تاريخي ڌرڻو جاري آهي.
ڌرڻي سبب سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، جتي گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن.
ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ جي قيادت ۾ وڪيل اڄ صبح سان ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن.
ڌرڻي ۾ وڪيلن، قومپرست اڳواڻن سميت سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ آهن.
ڌرڻي سبب باءِ پاس تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جا ڊگها قطارون لڳي ويون آهن، جڏهن ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس بند ٿيڻ سبب ٽن صوبن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.
مقامي ماڻهو، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، ڌرڻي وارن لاءِ پاڻي جون ٿڌيون بوتلون ۽ برياني جون ديڳيون کڻي پهچي رهيا آهن.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪراچي کان سکر تائين هر ضلعي ۾ اسان جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته اسان چئن مطالبن لاءِ احتجاجي ڌرڻو هنيو آهي، جنهن ۾ پهريون ۽ سڀ کان اهم مطالبو تڪراري ڪئنالن جو خاتمو آهي.
ڌرڻي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومري پڻ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته تڪراري ڪئنال ڪنهن اڪيلي فرد جو نه پر پوري سنڌ جو مسئلو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ڪمون شهيد وٽ سنڌ پنجاب سرحد تي ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين ۽ هڪ ڪنٽينر به ڪمون شهيد مان لنگهڻ نه ڏينداسين.
ٻئي پاسي وڪيلن ڪشمور ۾ به سنڌ پنجاب انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آهي، جنهن سبب سنڌ-پنجاب شاهراهه بند ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ ضلعي بار ڪائونسل نون ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاج ڪندي، ڪشمور ۾ عدالتي ڪارروائين جو اڻ اعلانيل مدي تائين بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.