ن ليگ پنجاب ۾ ”جاڳ پنجابي جاڳ “مهم تي لٿل

لنڊن/لاهور(انيق ناجي)خواجا سعد رفيق وفاقي سطح جو سياستدان آهي هن تازو پنجاب جو مقدمو نالي ڪالم لکيا آهن پر تازو هن پنجابي ۾ ڪارڪنن کي خطاب به ڪيو آهي.جنهن مان لڳي ٿو ته هو پنجابي نيشنلزم کيڏي رهيوآهي. اهوئي جاڳ پنجابي جاڳ وارو نعرو جيڪڏهن هن وقت پنجابي قوم پرستي جو نعرو پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ لڳايو پيو وڃي ته شايد عوام ۾ واپسي ٿي وڃي پر ساڳي نعري تحت ٽرمپ به کيڏي رهيوآهي. مذهب ۽ نيشنلزم تي  هر پاپولسٽ ليڊر کيڏندوآهي پر جڏهن اهڙو بيانيو گهٽين چونڪ چوراهن تي پهچندو ته ان جي شڪل ٻئي هوندي آهي. ايران مشڪوڪ آهي افغانستان نيمڪ حرام آهي، ڀارت ازلي دشمن آهي چين به سيلفش آهي.آمريڪا پيسا ڏيندو رهيوآهي پر دشمن به آهي.وري وفاق اندر بلوچ سنڌي  پختون اهي به سهي ناهن.اهو لاهور جي اشرافيه جي سوچ آهي. پوءِ سهي ڪير آهن؟ ته پوءِ سهي رڳو بس لاهور ۾ رهندڙ اشرافيه پنجابي آهن. اها سوچ اتي ڏٺي وڃي ٿي. اهڙي سوچ انتهائي خطرناڪ هوندي آهي ته ٻاهرين دنيا به توهان جي دشمن آهي ته  پاڙيسري به سڀ توهان جا دشمن آهن صرف توهان سٺا آهيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 17 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.