واپڊا چيئرمين انتقام ۾ ثناءُ الله مستي خيل جي گهر جا بجلي ميٽر پٽرائي ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جنيد اڪبر، ڪميٽي جي ميمبر ثناءُ الله مستي خيل جي گهر مان بجلي جا ميٽر لاهڻ جي سخت مذمت ڪندي اعلان ڪيو آهي ته جيستائين هن معاملي کي منطقي انجام تائين نه پهچايو ويندو، تيستائين ڪميٽي جو اجلاس نه هلندو، اجلاس دوران پي اي سي جي ميمبر ثناءُ الله مستي خيل چيو ته، گذريل ڏينهن مون واپڊا چيئرمين کان سوال ڪيو ته 4 ارب رپين جو پروجيڪٽ 36 ارب ۾ ڇو مڪمل ٿيو؟ مون کيس مقرري بابت به سوال پڇيو هو، انهيءَ سوال ڪرڻ جي نتيجي ۾ رات دير سان منهنجي گهر ۽ مائٽن جي گهرن مان بجلي جا ميٽر لاٿا ويا، جيڪڏهن پي اي سي ۾ سوال ڪرڻ تي انتقامي ڪارروائيون ٿينديون ته ڪميٽي پنهنجو ڪم ڪيئن ڪري سگهندي؟، جنهن تي ٻين ميمبرن پڻ سخت احتجاج ڪندي، اهو معاملو اسپيڪر قومي اسيمبلي جي نوٽيس ۾ آڻڻ ۽ سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو، چيئرمين چيو ته ، جيڪڏهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح ڌمڪايو ويندو ته پوءِ ڪو به پارليامينٽ جو ميمبر ڪم نه ڪري سگهندو، پنهنجي ميمبرن جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.