حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت مطالبن جي مڃتا جي لاءِ سنڌ جي وڪيلنپاران ٻبرلوء باءِ پاس تي لڳندڙ ڌرڻي جي لاءِ اڄ ڪراچي کان ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ نڪرندڙ قافلي جو مختلف هنڌن تي استقبال ڪيو ويندو. وڪيل, سياسي سماجي اڳواڻ ۽ قومپرست ڪارڪن قافلي جو استقبال ڪندا. حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اشعر مجيد کوکر، جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ، ڪي بي لغاري ۽ ٻيا وڪيل حيدرآباد باءِ پاس تي قافلي کي ڀليڪار ڪندا ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت جي لاءِ قافلي ۾ شريڪ ٿي ويندا. جڏهن ته وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن ڌرڻي ۾ شرڪت جي لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي کان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تائين مختلف شهرن جا وڪيل قافلي ۾ شريڪ ٿيندا رهندا. ان حوالي سان حيدرآباد جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته ڌرڻي ۾ شرڪت جي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڪراچي کان نڪرندڙ قافلي جي حيدرآباد ۾ ڀرپور آجيان به ڪئي ويندي. سڄي سنڌ جا وڪيل ٻٻرلوء تي گڏ ٿيندا.