پ پ پاران ڪئنالن خلاف ٺهراءُ سينيٽ ۾ جمع، سي سي آءِ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد(م ڊ) پ  پ تڪراري ڪئنالن خلاف ٺهراءُ سينيٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، پ پ اڳواڻ شيري رحمان پاران جمع ڪرايل ٺهراءُ م چيو ويو آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي کوٽ 100 سالن جو رڪارڊ ٽٽيويو آهي، صوبن ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي، آئين تحت قدرتي وسيلا برابري جي بنياد تي ورهايا ويندا آهن، چولستان ڪئنال ٺهڻ تي ڳڻتي آهي، ان سان سنڌ تمام گهڻي متاثر ٿيندي، ارسا پاران پاڻي ورڇ بابت جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ غيرقانوني آهي، ارسا جي جوڙجڪ مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ مان نمائندو مقرر ڪري، ايڪنڪ جي منظوري کانسواءِ ڪنهن به ڪئنال جي اڏاوت نٿي ٿي سگهي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سي سي آءِ جو اجلاس فوري طلب ڪري ارسا جي غيرقانوني جوڙجڪ جو جائزو ورتو وڃي، وفاقي وسيلن جي ورڇ ۾ وفاقيت ۽ آئين جي بالا دستي کي بنيادي اصول بڻايو وڃي، ٻي پاسي سينيٽر بئريسٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته هي قرارداد قانوني طور تمام اھم آهي، پاس ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪئنال منصوبو ختم  نه ڪيو ته گھر هلي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.