سنڌ ڪابينا پاران فرسٽ ايئر جي شاگردن کي گريس مارڪون ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪراچي تعليمي بورڊ جيفرسٽ ايئر جي شاگردن کي گريس مارڪون ڏيڻ، هر قسم جي پلسٽڪ جي ٿيلهين جي خريداري تي پابندي، عادي ڏوهارين جي نگراني لاءِ اليڪٽرونڪ ڊوائسون استعمال ڪرڻ جي منظوري، پرتشدد انتهاپسندي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سينيٽر فار ايڪسيلنس جي قيام تي اتفاق ڪيو ويو. دهشتگردي جي مالي مدد تي ڌيان رکندڙ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ورڪنگ گروپ جي حمايت جو عزم ڪيو ويو. وڏي وزير تعليمي بورڊن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته تعليمي بورڊن ۾ بي قاعدگين خلاف جاچ لاءِ سٺن آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ رپورٽ ڏني وڃي.  ڪابينا ايڪسائز ڪانسٽيبلن جي ترقي کي گريڊ 5 کان گريڊ 7، ڊي فيڊرز جي گريڊ 6 کان گريڊ 9 ۽ جمادار جي گريڊ 7 کان گريڊ 11 تائين ڪرڻ جي منظوري ڏني.  ايڪسائز کاتي لاءِ 9 ايم ايم پستول، گوليون ۽ بلٽ پروف جيڪٽن جي خريداري لاءِ 39.9 ملين رپيا جي منظوري پڻ ڏني وئي.  صحت کاتي جي تجويز تي ڪابينا 289 ڪرونا جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن جي برطرفي جي منظوري ڏني آهي. سندھ ڪابينا ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ٺٽو جو بجٽ 485 ملين رپيا کان وڌائي 835 ملين رپيا ڪندي.  ٺٽي ۾ ست ٻين صحت جي سهولتن جي مرڪزن لاءِ بجٽ ۾ 557.1 ملين رپيا کان وڌائي 612.8 ملين رپيا ڪيو ويو.  ڪابينا ڌاٻيجي ۾ 10.2 ايڪڙ، ملير ۾ 3.34 ايڪڙ مٽياري ۾ رٿائن لاءِ 10-12 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ جي منظوري ڏني. هندو ڪونسل جي درخواست تي ٿرپارڪر ۾ ننگرپارڪر ۾ رام آشرم جي تعمير لاءِ 5816 اسڪوائر فٽ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ڏيپلو ۾ فقير پرڀرهم آشرم جي تعمير لاءِ 165415 فٽ ننگرپارڪر ۾ مندر جي لاءِ 12-20 ايڪڙ سرڪاري زمين پڻ الاٽ ڪئي وئي آهي.  گنهور لغاري کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو ايم ڊي، واجد صبغت الله کي ڊي جي ريسڪيو 1122 ۽ زين الحق شاهه کي سنڌ آءِ ٽي ڪمپني جو سي اي او مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر بريگيڊيئر زبير شيخ جي عمر ۾ رعايت سان جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز لاءِ ڊائريڪٽر طور مقرري جي منظوري ڏني وئي. آخر ۾ عبدالحميد ميمڻ کي سنڌ ريونيو بورڊ ۾ 9 مهينا واڌ ڏني وئي، جيڪا 13 مارچ 2025 کان 12 ڊسمبر 2025 تائين هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.