ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ميرپور بٺورو مان قوم پرست اڳواڻ زبير شاهه جي بازيابي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ميرپوربٺورو جي ايس ايڇ اوکي حڪم ڏيندي چيو ته درخواست گذار کي فوري طور تي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو، درخواستگذار جي خواهش موجب گم ٿيل شهري جو ڪيس داخل ڪريو ۽ ڪاپي عدالت ۾ جمع ڪرايو، عدالت اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 30 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ميرپور بٺورو جي ايس ايڇ او کان پڇاڻو ڪيوته گم ٿيل شهري جي گمشدگي جي ايف آءِ آر ڇو داخل نه ڪئي وئي آهي ؟ عدالت پاران گم ٿيل شهري جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ايس ايڇ او ميرپور بٺورو چيو ته ڪو به اسان وٽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ نه آيو آهي، جسٽس ظفر احمد راجپوت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا درخواستگذار ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن؟، عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل عاقب راڄپر چيو ته گم ٿيل شهري زبير شاهھ ميرپور بٺورو پوليس اسٽيشن جي حد مان گم ٿيو آهي، عدالت ۾ وڪيل چيو ته درخواستگذار ٻه ڀيرا ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ويو هو پر پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري، عدالت اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 30 اپريل تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .