گمبٽ ويجهو هٿياربندن جو گهر تي حملو،قوم پرست اڳواڻ سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڀاتي قتل

خيرپور/گمبٽ/بهارو(رپورٽ:عبدالمتين مهر/ تاج محمد مهر/ جاويد پنهور) خيرپور ضلعي جي ڳوٺ پنهل ڪورائي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا ٽي ڀاتي زال مڙس ۽ سندس پٽ قتل ٿي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب ٻه نياڻيون زخمي ٿي پيون، قتل ٿيندڙن ۾ 58 سالن جو نادر علي ڪورائي، 55 سالن جي سندس گهرواري زبيده ڪورائي ۽ 20 سالن جو نوجوان لعل بخش عرف فياض ڪورائي شامل آهن،  فائرنگ دوران 12 سالن جي فائزه ۽ 6 ورهين جي معصوم ٻارڙي رحيمان پڻ زخمي ٿي پيون،مقتول فياض ڪورائي سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد هو ۽ جساف سنڌ يونيورسٽي جو اڳواڻ هو،  جنهن کي مبينا طور ذاتي تڪرار تحت پنهنجي والد ۽ والده سان گڏ قتل ڪيو ويو، مقتولن جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ٽنهي مقتولن کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،ٽن ڄڻن جي مارجڻ تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي ۽ هر اک آلي آهي،هوڏانهن پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو ناهي ڪيو، ٻئي پاسي جوابدار ڌر طرفان ڏوهه جو اعتراف ڪندي هڪ وڊيو بيان به جاري ڪيو ويو آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.