لاهور (م ڊ) لاهور ۾ ڪارڪنن جي هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو ته چون ٿا ته پنجاب کائي ويو، پنجاب کائي ويو پر ڇا کائي ويو؟ اصل ۾ ته پنجاب پاڻ کاڌو ويو آهي، پنجاب جون حڪومتون محنت ڪن ٿيون، ۽ باقي صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ ٿئي ٿي، پنجاب ڪنهن جو ڪجهه ناهي کاڌو، پر توهان پاڻ ئي سڀ ڪجهه کائي ويا آهيو. هن چيو ته ها، پاڪستان کي خراب ڪرڻ ۾ پنجاب جي حڪمران طبقي جو ڪردار ضرور آهي، پر اهو اڪيلو ناهي، سنڌ، بلوچستان، ۽ خيبر پختونخوا جو حڪمران طبقو به انهي خرابيءَ ۾ برابر جا ڀاڱي ڀائيوار آهن. هن چيو ته اسان جا ٽي درياهه هئا، جيڪي ايوب خان ڀارت کي ڏئي ڇڏيا، ۽ پنجاب جون زرخيز زمينون ريگستان بڻجي ويون. پاڪستان ٺهيو، ورهاست صرف بنگال ۽ پنجاب جي ٿي، رت به رڳو پنجاب جو وهايو ويو، پر اهو ڪنهن کي ياد ئي ناهي. 1965 جي جنگ ۾ به رت پنجابيءَ جو وهايو ويو، پر اهو به ڪنهن کي ياد ناهي. خواجا سعد رفيق چيو ته گوادر وزيراعظم ملڪ فيروز خان نون خريد ڪري پاڪستان جو حصو بڻايو، بلوچستان کي ڏنو ويو، پر ان ۾ بلوچستان جو ڪو پئسو نه لڳو، ان جو انعام اهو مليو ته پنجاب جي وزيراعظم کي ذليل ڪري هٽايو ويو. پنجاب ۾ ڪو ورهاڱو ناهي، هتي پنجابي، پٺاڻ، بلوچ، سنڌي، مهاجر سڀ گڏجي رهن ٿا. هو چاهين ٿا ته پنجاب جا جوان مارجن ۽ رت وهي پر اسان ڄار ۾ نه ڦاسنداسين، وڙهنداسين نه پر دليل سان جواب ڏينداسين، خواموش نه ويهنداسين.