باڊهه ۾ جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جي ريلي

باڊهه (ن ع آ) سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۽ ڪراچي بار جي صدر، وڪيل عامر وڙائچ مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پاران جسقپ مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي ۽ نور ساريو جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي عامر وڙائچ مٿان حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ ۽ سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ٺاهڻ خلاف نعرا لکيل هئا. احتجاجي ريلي ۾ ايڊووڪيٽ حاڪم علي گوپانگ،  منور نوناري، وحيد ڳاهو، محمد امين سيال، محمد علي جوڻيجو، مهراڻ راڄپر، لياقت چنه، وقار سنڌي، برڪت هليو وڪيل, عبدالرحمٰن ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مظاهري ۾ ڪامريڊ دودو ديشي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال يا ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين، جسقم جي 20 اپريل تي عام هڙتال جي جسقپ حمايت ڪندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.