پيپلا اڃا ڪيترا ڪئنال نامنظور جا ڪوڙا نعرا ھڻندا؟ رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي، غفارميرجت، پنهل جمالي،ذوالفقار بليدي، اياز سولنگي، سلطان دل، ڪمال مهر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته وفاقي سرڪار جڏھن واضع اعلان ڪيو آھي ته ڪئنالن تي ڪم هلي رهيو آھي ته پوءِ هاڻي آصف زرداري بلاول زرداري مراد شاھ اڃان ڪيترا ڪئنال نامنظور جا ڪوڙا نعرا ھڻندا سڀ سچايون سنڌ جي ماڻھن جي سامهون اچي ويون آھن ته دائمي جياپي جو ذريعو سنڌو درياھ پيپلزپارٽي وارا کپائي رهيا آهن،هنن چيو ته  آصف زرداري ۽ بلاول زرداري سنڌ ۾ درياه بچائڻ واري جدوجهد ڪندڙن تي ايف آءِ آرون داخل ڪرائي پنهنجي آمريت ۽ لاقانونيت جو ثبوت ڏئي رهيا آھن هنن چيو ته  تازي ايف آءِ آر گهر ڦاٽڪ ڌرڻي جي جيڪا ايس ٽي پي اڳواڻن تي داخل ٿي آھي  ان جي مذمت ڪجي ٿي اسان وڪيلن طرفان ڪئنالن خلاف سنڌ پنجاب باڊر بند ڪرڻ واري اعلان جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ۽ گڏوگڏ 20 اپريل تي جسقم جي اعلانيل هڙتال جي به مڪمل حمايت ڪريون ٿا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.