ڪئنالن خلاف بک هڙتال،نياز ڪالاڻي ۽ ٻين ڪارڪنن جي طبيعت سخت خراب

ڪراچي(رپورٽر)جسقم شهيد بشير خان قريشي پاران سنڌو درياء مٿان ڪينال اڏڻ ۽ گرين انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جون زمينونهڙپ ڪرڻ خلاف 10 اپريل کان جاري مسلسل بک هڙتال ڪالھھ اڱاري تي ڇهين ڏينهن به جاري رھي، بک هڙتال تي ويٺل ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت جسقم ڪارڪن فريد لاشاري، باغي ڪالرو، شاذ خادم شر، مجيب ڀيلار جي طبيعت سخت خراب ٿي پئي،ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪئمپ تي ساٿين کي ڇڏي اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيوتھ پنجاب حڪومت پاران ارسا کي خط لکي سنڌ تي پاڻي چوري جو الزام ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ضايع ڪرڻ واري الزام تراشي کي چوري ۽ مٿان سينا زوري تصور ڪيون ٿا، جڏهن قومي اسيمبلي ۾ احسن اقبال واضع چيو آهي ته ڇوٽا چولستان ڪئنال نان پيرينيل ٺاهي رهيا آهيون، جيڪڏهن اها ڳالهھ سچ آهي ته پوءِ 8 جولائي تي صدر آصف زرداري پاران ڏنل 6 ڪئنالن جي منظوري جي نوٽيفڪيشن ڪهڙي ڊرامي بازي هئي ھوڏانھن ڪالھھ بک هڙتالي ڪئمپ تي عوامي ورڪرس پارٽي جو اڳواڻ بخشل ٿلهو، ايڊوڪيٽ شهاب اوستو، آفتاب جتوئي، ڪراچي جو سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاهه، سنڌ سڀا جو سربراهھ سنڌي انعام، ايڊوڪيٽ امر حسيب پنهور، سورج جويو، درشن سچديو، جساف جسقم اڳواڻ ذيشان منڱريو، جسقم اڳواڻ علي رضا خاصخيلي، انعام سيال، غلام حسين خاصخيلي، مير مرتضا شاهاڻي، مير حسن لاشاري، مشتاق قريشي، آزاد علي ڀيلار، ڄام خان کوسو، اڪرم کوسو، زين ڪالاڻي، منير ابڙو، سهيل ڪلهوڙو، جلال منڱريو، ايڊوڪيٽ لطيف ابراهيم، زاهد مري، آڪاش رائي، امير ٿهيم، شرٽ ڪمار پنجواڻي،  نجما مھشوري، عبدالغني رستماڻي، ڪريم داد خشڪ، محمود سهتو، فهد ميمڻ، شاهد نوتيار ۽ ٻين سوين ماڻهن پهچي بک هڙتالين کي اجرڪ اوڍايا ۽ گلن جا هار پارايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.