ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ليجنڊ اداڪارا ۽ گلوڪارا نورجهان جي نياڻي نازيه اعجاز دُراني ماءُ جي ذاتي زندگي بابت وڏا انڪشاف ڪيا آهن.
ويجهڙ ۾ هن خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ انٽرويوءَ دوران ماءُ سان سلهاڙيل ياديون تازيون ڪندي ٻڌايو ته ” امان جڏهن نوَن سالن جي هئي تڏهن کان اسٽار هئي، هن تمام گهڻي شرهت ۽ مداحن جو پيار ماڻيو، هوءَ گهر ۾ عام ماءُ جيان هوندي هئي. “
نازيه اعجاز چيو ته ” امان سدائين پنهنجي هٿن سان کاڌو تيار ڪندي ۽ کارائيندي هئي، هوءَ اسان سڀني جا انگل آرا پورا ڪيا، وڏي ڀيڻ جي شادي کانپوءِ امان اسان ٽنهي ننڍين ڀينرن کي بورڊنگ اسڪول اُماڻي ڇڏيو. “
هن انڪشاف ڪيو ته ” امان ۽ والد اعجاز دراني ۾ عليحدگي باوجود دوستاڻا لاڳاپا هئا، هو ٻئي اسان جي سالگرهه ملهائڻ بورڊنگ اسڪول ايندا هئا، امان جي لاڏاڻي کان اڳ جڏهن سندس طبيعت خراب ٿي تڏهن بابو ئي کيس اسپتال کڻي ويو هو. “
نازيه چيو ته ” ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته مان پنهنجي ماءُ جهڙي زندگي جِي رهي آهيان، مان به اڪيلي ماءُ آهيان، ڌار رهان ٿي، پنهنجي ٻارن جي پرورش به ائين ڪيان ٿي جيئن امان اسان جي ڪئي هئي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” جيئن جيئن منهنجي عمر وڌي رهي آهي، ماڻهو چوڻ لڳا آهن ته منهنجي شڪل ماءُ جهڙي ٿي وئي آهي ۽ سمجهان ٿي ته مان پنهنجي ماءُ جي زندگي ٻيهر تخليق ڪري رهي آهي.
You might also like