فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ گڏيل طور منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ فلسطين ۾ جاري اسرائيلي ظلمن ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ فلسطين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن جي حوالي سان ميمبرن گفتگو ڪئي ۽ اسرائيلي ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته گڏيل قومون فلسطين ۾ ظلم روڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ غزا جي نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان مطالبو ٿو ڪري ته اسرائيلي ڏاڍ فوري طور روڪيو وڃي، هي ايوان جنگبندي باوجود اسرائيلي بمباري جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ اسرائيلي جارحيت کي عالمي برادري جي ناڪامي سمجهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.