راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) شادي ۾ غير معياري کاڌو کائڻ کانپوءِ مهمانن جي طبعيت بگڙي وئي ۽ 250 کان وڌيڪ ماڻهو اسپتال وڃي پهتا.
اهو واقعو راولپنڊي ۾ پيش آيو، جتي ڍونگ جي علائقي ۾ شادي جي هڪ تقريب ۾ مبينا طور غير معياري کاڌو کائڻ سبب 260 مهمانن جي حالت خراب ٿي وئي.
کاڌو کائڻ کانپوءِ مهمانن کي پيٽ ۾ سور ۽ الٽي اچڻ لڳي، متاثرن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن.
طبعيت گهڻي خراب ٿيڻ تي مهمانن کي ويجهي اسپتال نيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.
واقعي جي اطلاع تي صحت کاتي جي ٽيمن اسپتال پهچي ڊاڪٽرن کان ڄاڻ ورتي ۽ متاثر ماڻهن جا بيان به قلمبند ڪيا.
You might also like